18. ”خداوند جو روح مون سان آھي،ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِمون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس.ھن مون کي موڪليو آھي تہقيدين جي رھائيءَ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان.۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،
19. ۽ اعلان ڪريان تہخداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“
20. پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادتخاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا.
21. تڏھن ھنن کي ٻڌايائين تہ ”اڄ اوھان جي ٻڌندي ئي ھيءَ لکت پوري ٿي آھي.“
22. سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“
23. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“
24. تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.
25. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنونزالون ھيون،
26. پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رنزال وٽ ئي موڪليو ويو.
27. اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“
28. اھي ڳالھيون ٻڌندي ئي جيڪيبہ عبادتخاني ۾ ھئا، سي سڀيئي ڏاڍا ڪاوڙيا،
29. ۽ اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گھلي شھر کان ٻاھر ڪڍيائون. جنھن ٽڪريءَ تي سندن شھر ٻڌل ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان اڇلائينس.