نئين عهد نامي

لوقا 4:14-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.

15. ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.

16. پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.

17. کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 4