نئين عهد نامي

لوقا 3:18-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. يحيٰ ماڻھن کي ٻيون بہ ڪيتريون ئي ھدايتون ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندو رھيو.

19. پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين.

20. پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.

21. جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو،

22. ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 3