نئين عهد نامي

لوقا 24:33-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون،

34. جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچ⁠پچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“

35. تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.

36. ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“

37. ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.

38. پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟

39. منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِ⁠جو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“

40. ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا.

41. انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“

42. تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 24