نئين عهد نامي

لوقا 23:5-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. پر انھن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يھوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي ھن جاءِ تائين ھي ماڻھن کي باغي ڪندو رھيو آھي.“

6. جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن پڇيائين تہ ”ڇا ھي گليلي آھي؟“

7. جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ھيروديس جي حد جو آھي، تڏھن عيسيٰ کي گليل جي بادشاھہ ھيروديس ڏانھن موڪليائين جو پڻ انھن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھو.

8. ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِ⁠جو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.

9. ھن کانئس ڪيترائي سوال پڇيا پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

10. سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا.

11. تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.

12. انھيءَ ئي ڏينھن پلاطس ۽ ھيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙھيل ھئا.

13. پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.

14. کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 23