نئين عهد نامي

لوقا 23:32-43 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

32. انھن ٻين ٻن ماڻھن کي بہ آندو جيڪي ڏوھاري ھئا، تن کي بہ عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا.

33. جڏھن اھي انھيءَ جاءِ تي پھتا جنھن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏھن انھن عيسيٰ ۽ ٻنھي ڏوھارين کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.

34. عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! ھنن کي بخش، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي نہ ٿا ڄاڻن تہ ھو ڇا ڪري رھيا آھن.“ اھي ھن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.

35. ماڻھن بيٺي ڏٺو. تڏھن يھودين جي اڳواڻن مٿس چٿرون ڪندي چيو تہ ”ھون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏھن ھي خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آھي تہ ھاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“

36. سپاھي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي ڪؤڙي مئي آڇي

37. چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن تون يھودين جو بادشاھہ آھين تہ پاڻ کي بچاءِ.“

38. ھن جي مٿان ھڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنھن تي لکيل ھو تہ ”ھيءُ يھودين جو بادشاھہ آھي.“

39. جيڪي ڏوھاري عيسيٰ سان گڏ ٽنگيل ھئا، تن مان ھڪڙي طعنو ھڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آھين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“

40. پر ٻئي انھيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آھي؟ جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳيءَ سزا ۾ آھين.

41. اسان کي جيڪا سزا ملي آھي سا حقي واجبي آھي، ڇوتہ اسان ائين ئي ڪيو ھو، پر ھن تہ ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي.“

42. پوءِ ھن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏھن اوھين بادشاھہ ٿي اچو، تڏھن مون کي ياد ڪجو.“

43. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بھشت ۾ ھوندين.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 23