نئين عهد نامي

لوقا 22:51-58 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

51. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.

52. سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.

53. آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“

54. انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.

55. جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو.

56. ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“

57. پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“

58. گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انھن مان آھين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اھو آءٌ نہ آھيان.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 22