نئين عهد نامي

لوقا 22:45-57 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

45. جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن.

46. ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“

47. اڃا عيسيٰ ڳالھايو ئي پئي تہ ماڻھن جو ھڪڙو ٽولو اچي پھتو، جنھن جي اڳيان ٻارھن شاگردن مان اھو ھو جنھن کي يھوداہ ڪري سڏيندا ھئا. ھن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني.

48. پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يھوداہ! تون چمي ڏيئي ابن⁠آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“

49. عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد ھئا تن جڏھن ھي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار ھلايون ڇا؟“

50. انھن مان ھڪڙي تہ ڌڪ ھڻي سردار ڪاھن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو.

51. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.

52. سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.

53. آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“

54. انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.

55. جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو.

56. ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“

57. پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 22