نئين عهد نامي

لوقا 22:41-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

41. پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ

42. ”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“

43. ايتري ۾ آسمان مان ھڪڙو ملائڪ ھن جي حمايت ۾ نازل ٿيو.

44. ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 22