نئين عهد نامي

لوقا 22:33-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“

34. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“

35. عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“

36. تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري.

37. ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“

38. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 22