نئين عهد نامي

لوقا 22:23-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. تنھن تي شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اھو ڪير آھي جيڪو ھھڙو ڪم ڪندو؟“

24. شاگردن ۾ اھو بہ تڪرار پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“

25. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاھہ مٿن حڪم ٿا ھلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آھي، سي ماڻھن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا.

26. پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي.

27. وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار.

28. اوھين اھي آھيو جيڪي مون سان منھنجي سڀني آزمائشن ۾ گڏ رھيا آھيو،

29. ۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان.

30. اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“

31. ”شمعون! شمعون! ڏس، شيطان اوھان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آھي، تہ جيئن اوھان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاھہ وانگر ڳاھي، اَنَ ۽ بُھہ وانگر جدا جدا ڪري.

32. پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

33. پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“

34. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“

35. عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 22