نئين عهد نامي

لوقا 21:31-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. تھڙيءَ طرح جڏھن اوھين اھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھو تہ خدا جي بادشاھت اچڻ واري آھي.

32. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.

33. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

34. ”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.

35. ڇالاءِ⁠جو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو.

36. ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“

37. ھو ڏينھن جو روزانو ھيڪل ۾ تعليم ڏيندو ھو ۽ رات جو ٻاھر نڪري زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو ھو.

38. سڀيئي ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھيڪل ۾ سندس ڳالھيون ٻڌڻ ايندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 21