نئين عهد نامي

لوقا 21:24-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“

25. ”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو.

26. جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِ⁠جو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا.

27. پوءِ ھو ابن⁠آدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.

28. جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“

29. عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڏسو.

30. جيئن ئي انھن ۾ پن اچن ٿا تہ اوھين سواءِ ٻڌائڻ جي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونھارو آيو ڪي آيو.

31. تھڙيءَ طرح جڏھن اوھين اھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھو تہ خدا جي بادشاھت اچڻ واري آھي.

32. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.

33. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 21