نئين عهد نامي

لوقا 20:36-47 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن.

37. مُڙدن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اھڙو اشارو ڏنو آھي. تنھنڪري ئي ھو خداوند کي ’ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.

38. سو ھاڻي ھو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آھي، ڇالاءِ⁠جو سڀيئي ھن جي اڳيان جيئرا آھن.“

39. تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“

40. ڇالاءِ⁠جو ھنن ۾ ھمت ئي ڪانہ رھي ھئي جو کانئس وڌيڪ سوال پڇن.

41. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو اولاد آھي؟

42. ڇاڪاڻ⁠تہ دائود خود زبور ۾ چيو آھي تہ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،

43. جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان .“‘

44. سو جڏھن دائود ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي تہ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“

45. سڀني ماڻھن جي روبرو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

46. ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اھي چاھين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. اھي عبادت⁠خاني ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين.

47. اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي وڌيڪ سزا ملندي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 20