نئين عهد نامي

لوقا 20:1-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھڪڙي ڏينھن جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي ھيڪل ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.

2. ھنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“

3. عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ توھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان.

4. مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جي بپتسما خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“

5. تڏھن اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ توھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘

6. پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي پڪ آھي تہ يحيٰ نبي ھو.“

7. تڏھن ھنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي تہ ڪنھن جي طرفان ھئي.“

8. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوھان کي ڪين ٻڌائيندس تہ آءٌ ڪنھن جي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.“

9. پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ انگورن جو باغ لڳايو. باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڳچ وقت ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.

10. جڏھن فصل جي لھڻ جي مند آئي تہ ھڪڙي نوڪر کي باغائين ڏانھن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين ھن کي مار ڏيئي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو.

11. تنھن تي ھن ٻيو نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي ھٿين موڪلي ڇڏيو.

12. تڏھن ھن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن زخمي ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو.

13. تنھن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’ڪريان تہ ڪريان ڇا؟ پوءِ ڀلا، پنھنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اھي ھن جي عزت ڪن.‘

14. پر جڏھن باغائين انھيءَ کي ڏٺو، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، ڇو نہ ھن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

15. پوءِ ھن کي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس. ھاڻي باغ جو مالڪ انھن کي ڇا ڪندو؟

16. ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“

17. عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 20