نئين عهد نامي

لوقا 18:29-43 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ⁠پيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن،

30. ۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“

31. عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.

32. ھو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون ھڻندا.

33. اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

34. پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.

35. جيئن عيسيٰ يريحو شھر جي ويجھو اچي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪڙي انڌي ماڻھوءَ ويٺي پنيو.

36. ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيائين تہ ”ھي ڇا آھي؟“

37. ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“

38. تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ”اي عيسيٰ، ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

39. تنھن تي جيڪي اڳيان پئي ويا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھو اڃا بہ وڏي واڪي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

40. اھو ٻڌي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين تہ ”ھن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏھن ھو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ

41. ”تون ڇا ٿو چاھين ۽ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ ھن چيو تہ ”اي سائين! مون کي وري ديد ملي.“

42. عيسيٰ چيس تہ ”وٺ ھيءَ ديد ۽ ڏس، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“

43. ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 18