نئين عهد نامي

لوقا 18:26-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. ماڻھن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“

27. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“

28. پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان توھان جي پٺيان ھلڻ لاءِ گھر گھاٽ ڇڏيا آھن.“

29. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ⁠پيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن،

30. ۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“

31. عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.

32. ھو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون ھڻندا.

33. اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

34. پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.

35. جيئن عيسيٰ يريحو شھر جي ويجھو اچي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪڙي انڌي ماڻھوءَ ويٺي پنيو.

36. ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيائين تہ ”ھي ڇا آھي؟“

37. ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 18