نئين عهد نامي

لوقا 18:15-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا.

16. عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.

17. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان ٿو تہ جيڪوبہ ٻار وانگر خدا جي بادشاھت قبول نہ ڪندو سو ڪڏھن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

18. ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“

19. عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.

20. تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.‘“

21. ھن چيو تہ ”انھن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رھان.“

22. عيسيٰ جڏھن ھي ٻڌو، تڏھن چيائينس تہ ”اڃا تو ۾ ھڪڙي گھٽتائي آھي، تہ جيڪي⁠بہ اٿئي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏ، تہ تو کي بھشت ۾ خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

23. پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو.

24. عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي!

25. سچ⁠پچ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“

26. ماڻھن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“

27. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 18