نئين عهد نامي

لوقا 18:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ

2. ”ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو جج رھندو ھو، جنھن کي نہ خدا جو خوف ھو ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ.

3. انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي رن⁠زال رھندي ھئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي ھئي تہ ’جوابدار جي خلاف منھنجو انصاف ڪر.‘

4. جج ڪجھہ وقت تہ ھن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آھي ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ،

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 18