نئين عهد نامي

لوقا 16:3-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِ⁠جو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.

4. سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘

5. سو ڇا ڪيائين جو شاھوڪار جي ھڪڙي ھڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پھرين کان پڇيائين تہ ’منھنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘

6. ھن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جون ھڪ ⁠سؤ سانداريون.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويھي پنھنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاھہ سانداريون لکي ڏي.‘

7. پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ ⁠سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘

8. جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“

9. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.

10. جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو.

11. جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟

12. جيڪڏھن اوھين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آھيو تہ اوھان جي ملڪيت اوھان کي ڪير ڏيندو؟

13. ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“

14. فريسي جن کي دولت سان پيار ھو، سي عيسيٰ جون اھي ڳالھيون ٻڌي مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا.

15. تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“

16. ”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.

17. آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ آسان آھي، پر شريعت جو ھڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.“

18. ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

19. ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.

20. ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 16