24. تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِجو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘
25. پر ابراھيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنھنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل ھيون، پر لعزر کي خراب شيون. ھاڻي ھو ھتي مزن ۾ آھي ۽ تون عذاب ۾ آھين.
26. تنھن کان سواءِ اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاھہ آھي، تنھنڪري جيڪي ھتان اوھان ڏانھن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوھان وٽان ڪو اسان ڏانھن اچي سگھندو.‘
27. شاھوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منھنجي پيءُ جي گھر موڪليو.