نئين عهد نامي

لوقا 16:18-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

19. ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.

20. ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا.

21. ھو چاھيندو ھو تہ شاھوڪار جي اوبر وارن ٽڪرن ۽ ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، پر وڏي مصيبت اھا ھئي جو ڪتا اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا ھئا.

22. جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.

23. ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس.

24. تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘

25. پر ابراھيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنھنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل ھيون، پر لعزر کي خراب شيون. ھاڻي ھو ھتي مزن ۾ آھي ۽ تون عذاب ۾ آھين.

26. تنھن کان سواءِ اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاھہ آھي، تنھنڪري جيڪي ھتان اوھان ڏانھن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوھان وٽان ڪو اسان ڏانھن اچي سگھندو.‘

27. شاھوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منھنجي پيءُ جي گھر موڪليو.

28. جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آھن، سو ھو انھن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اھي بہ ھن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.‘

29. تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘

30. پر شاھوڪار چيو تہ ’نہ بابا ابراھيم! جيڪڏھن ڪو مئلن مان انھن وٽ ويندو، تہ اھي توبھہ ڪندا.‘

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 16