نئين عهد نامي

لوقا 16:10-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو.

11. جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟

12. جيڪڏھن اوھين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آھيو تہ اوھان جي ملڪيت اوھان کي ڪير ڏيندو؟

13. ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“

14. فريسي جن کي دولت سان پيار ھو، سي عيسيٰ جون اھي ڳالھيون ٻڌي مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا.

15. تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“

16. ”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.

17. آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ آسان آھي، پر شريعت جو ھڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.“

18. ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

19. ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.

20. ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا.

21. ھو چاھيندو ھو تہ شاھوڪار جي اوبر وارن ٽڪرن ۽ ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، پر وڏي مصيبت اھا ھئي جو ڪتا اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا ھئا.

22. جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 16