نئين عهد نامي

لوقا 15:4-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪڙي گم ٿي وڃينس تہ ھو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا ھو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي، ان ھڪڙيءَ جي پٺيان نہ رلندو جيستائين اھا نہ لڀيس؟

5. پوءِ جڏھن ھو اھا لھي ٿو تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انھيءَ کي ڪلھن تي ٿو کڻي.

6. ھو جڏھن گھر پھچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي وڃايل رڍ لڌي آھي.‘

7. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“

8. ”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي.

9. جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘

10. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 15