21. تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘
22. پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.
23. ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون،
24. ڇالاءِجو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.