نئين عهد نامي

لوقا 15:16-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. ھو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار ھو، پر اھو بہ ڪنھن نہ ٿي ڏنس.

17. آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران.

18. آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندم تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان،

19. ۽ ھاڻي انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان. مون کي پنھنجو ھڪڙو نوڪر سمجھي بيھاريو.“‘

20. سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

21. تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘

22. پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

23. ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون،

24. ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.

25. انھيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل ھو سو موٽي آيو. جڏھن گھر جي ويجھو پھتو تڏھن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين.

26. تڏھن ھڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’ھي ڇا پيو ٿئي؟‘

27. تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘

28. تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.

29. پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.

30. پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘

31. تنھن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ ھميشہ مون سان گڏ آھين ۽ جيڪي منھنجو آھي سو سڀ تنھنجو ئي آھي.

32. پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 15