نئين عهد نامي

لوقا 14:7-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ

8. ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس.

9. پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو.

10. پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين.

11. ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

12. پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻ⁠تہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين.

13. پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج،

14. تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِ⁠جو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“

15. تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“

16. عيسيٰ ھن کي ٻڌايو تہ ”ڪنھن شخص ھڪ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڏ ڏنائين.

17. جڏھن ماني تيار ٿي ويئي تڏھن نوڪر کي موڪليائين تہ مھمانن کي چئُہ تہ اچن، جو ھاڻي ھر شيءِ تيار آھي.

18. پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

19. ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آھن ۽ انھن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

20. ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آھي، تنھنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘

21. نوڪر موٽي اچي اھي سڀيئي ڳالھيون پنھنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شھر جي گھٽين ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘

22. نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوھان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آھي.‘

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 14