نئين عهد نامي

لوقا 14:23-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي،

24. ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“

25. ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ

26. ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.

27. جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو اچي سو منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.

28. اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟

29. ڇالاءِ⁠جو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ

30. ’ھن يار، اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘

31. يا اھو ڪھڙو بادشاھہ آھي جو جيڪڏھن ٻئي ڪنھن بادشاھہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پھريائين ويھي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منھنجو ھي ڏھن ھزارن جو لشڪر، انھن ويھہ ھزار چڙھائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘

32. ٻيءَ صورت ۾ ڪاھہ ڪندڙ اڃا پري ئي ھوندو تہ ھن ڏانھن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.

33. سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 14