نئين عهد نامي

لوقا 13:3-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.

4. يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟

5. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“

6. عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو.

7. تڏھن ھن مالھيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انھيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رھيو آھيان پر ھڪ بہ نہ مليو اٿم. تنھنڪري ھن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو ھروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آھي.‘

8. مالھيءَ جواب ڏنو تہ ’سائين! ھن وڻ کي ھڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ ھن جي ٻاھران چلھو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس.

9. جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، ⁠نہ⁠تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“

10. ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.

11. اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي.

12. عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“

13. عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 13