نئين عهد نامي

لوقا 13:16-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. تڏھن ھيءَ عورت جا ابراھيم جي اولاد مان آھي، جنھن کي شيطان ارڙھن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو ھو، تنھن کي سبت جي ڏينھن انھيءَ بندي⁠خاني کان ڇڏائڻ روا نہ ھو ڇا؟“

17. عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.

18. عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟

19. اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“

20. عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟

21. اھا خميري جي مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اچي جڏھن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو، تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

22. جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانھن پئي ويو،

23. تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ

24. ”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.

25. جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘

26. تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘

27. پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘

28. پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 13