نئين عهد نامي

لوقا 13:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو.

2. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھين سمجھو ٿا تہ اھي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنھگار ھئا، تنھنڪري ھنن سا اھڙو ظلم ٿيو؟

3. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.

4. يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟

5. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 13