نئين عهد نامي

لوقا 12:47-59 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

47. اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي.

48. پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

49. ”آءٌ زمين تي باھہ لڳائڻ لاءِ آيس. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ھا جو اھا اڳ ۾ ئي لڳل ھجي ھا.

50. پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.

51. ڇا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان؟ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان.

52. اڄ کان وٺي جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ پنج ڀاتي ھوندا تہ انھن مان ٽي ھڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻي طرف.

53. پيءُ پٽ جي خلاف ٿيندو تہ پٽ پيءُ جي، ماءُ ڌيءَ جي خلاف ٿيندي تہ ڌيءَ ماءُ جي، سس نُنھن جي خلاف ٿيندي تہ نُنھن سس جي.“

54. عيسيٰ ميڙ کي چيو تہ ”جڏھن اولھہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ ھڪدم چئو ٿا تہ ’مينھن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو.

55. جڏھن ڏکڻ گھلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونھارو اچڻ وارو آھي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو.

56. اي رياڪارو! اوھين زمين ۽ آسمان جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ ھن زماني کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟“

57. ”جيڪو حق آھي تنھن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟

58. جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي.

59. آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندين تيستائين جند نہ ڇٽندءِ.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 12