نئين عهد نامي

لوقا 12:41-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

41. پطرس کيس چيو تہ ”اي خداوند! ھي مثال تون اسان لاءِ ٿو ڏئين يا سڀني لاءِ؟“

42. خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟

43. سڀاڳو آھي اھو نوڪر، جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.

44. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 12