نئين عهد نامي

لوقا 12:3-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. پوءِ تہ اوھان جيڪو اونداھيءَ ۾ ڳالھايو آھي سو روز روشن ۾ ٻڌبو ۽ جيڪا بند ڪمرن ۾ ماڻھن جي ڪنن ۾ سس⁠پس ڪئي اٿوَ سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“

4. ”آءٌ اوھان پنھنجن دوستن کي چوان ٿو تہ جيڪي جسماني طور ٿا مارين، تن کان نہ ڊڄو. ھو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

5. پر آءٌ اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ جھنم ۾ وجھڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. سو بس انھيءَ کان ئي ڊڄندا رھو.

6. ٻن ننڍڙن سڪن جون پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ مگر انھن مان ڪابہ خدا کان وسريل نہ آھي.

7. پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“

8. ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابن⁠آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.

9. پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي خدا جي ملائڪن جي اڳيان بہ قبول نہ ڪيو ويندو.

10. جيڪوبہ ابن⁠آدم جي خلاف ڪا ڳالھہ چوندو تہ ان کي اھا بخشي ويندي. پر جيڪو ماڻھو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اھو نہ بخشيو ويندو.

11. جڏھن اھي اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘

12. ڇالاءِ⁠جو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“

13. ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ چيس تہ ”اي استاد! منھنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منھنجو حصو مون کي ورھائي ڏئي.“

14. پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“

15. پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“

16. تڏھن عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنھن زميندار جي ٻنيءَ سٺو فصل ڏنو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 12