نئين عهد نامي

لوقا 12:14-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“

15. پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“

16. تڏھن عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنھن زميندار جي ٻنيءَ سٺو فصل ڏنو.

17. سو ھو دل ۾ پھہ پچائڻ لڳو تہ ’ھاڻي ڇا ڪريان؟ اھا جاءِ ڪانھي جتي کڻي پنھنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘

18. آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ ھيئن ڪندس جو ھي ڀانڊا ڊھرائي وڏا ڪري ٺھرائيندس ۽ انھن ۾ سمورو اَنُ ۽ مال گڏ ڪري رکندس،

19. ۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو گھڻو مال آھي جو ڪيترائي سال پيو ھلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيان ۽ موجون ماڻيان.‘

20. پر خدا چيس تہ ’اي بيوقوف! اڄوڪي رات ئي تنھنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿئي سو ڪنھن جو ٿيندو؟‘“

21. عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“

22. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پھرينداسين.‘

23. ڇاڪاڻ⁠تہ جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ درجو رکن ٿا.

24. ڪانوَن تي غور ڪريو تہ ھو نڪي پوکين، نڪي لڻين ۽ نڪي انھن کي اَنَ جا ڀانڊا يا گودام آھن، تڏھن بہ خدا انھن کي کارائي ٿو. پر اوھين تہ انھن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.

25. ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان حياتيءَ جو ھڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟

26. جيڪڏھن اوھان کان اھڙي خسيس ڳالھہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوھين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟

27. غور ڪريو تہ ڪيئن نہ سوسن گل جا ٻوٽا ٿا اڀرن، اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي عزت ۽ شان وَ شوڪت جي، انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.

28. جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 12