نئين عهد نامي

لوقا 12:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ايتري ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ اچي مڙيا، جيڪي ھڪٻئي تي ڳاھٽ پئي ٿيا. تڏھن عيسيٰ خاص طرح پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”فريسين جو خميرو، جيڪو رياڪاري آھي، تنھن کان ھوشيار ٿجو.

2. ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي. ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.

3. پوءِ تہ اوھان جيڪو اونداھيءَ ۾ ڳالھايو آھي سو روز روشن ۾ ٻڌبو ۽ جيڪا بند ڪمرن ۾ ماڻھن جي ڪنن ۾ سس⁠پس ڪئي اٿوَ سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“

4. ”آءٌ اوھان پنھنجن دوستن کي چوان ٿو تہ جيڪي جسماني طور ٿا مارين، تن کان نہ ڊڄو. ھو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

5. پر آءٌ اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ جھنم ۾ وجھڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. سو بس انھيءَ کان ئي ڊڄندا رھو.

6. ٻن ننڍڙن سڪن جون پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ مگر انھن مان ڪابہ خدا کان وسريل نہ آھي.

7. پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“

8. ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابن⁠آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 12