نئين عهد نامي

لوقا 11:24-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. ”جڏھن ڪو ڀوت ڪنھن ماڻھوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اھو ويران ھنڌن ۾ اھڙي جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو جتي ھو آرام ڪري سگھي. جڏھن آرام نہ ٿو مليس تڏھن چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘

25. جڏھن اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،

26. تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“

27. عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“

28. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“

29. جڏھن عيسيٰ جي چوگرد ماڻھو مڙي آيا، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪھڙا نہ بڇڙا آھن جو اھي ڪو معجزو ٿا ڏسڻ گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.

30. ڇوتہ جيئن نينواہ شھر جي ماڻھن لاءِ يونس ھڪڙو نشان بڻيو، تيئن ھن زماني جي ماڻھن لاءِ ابن⁠آدم بہ ھڪ نشان بڻبو.

31. آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.

32. نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“

33. ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

34. اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.

35. تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي.

36. جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

37. عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 11