نئين عهد نامي

لوقا 11:12-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟

13. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“

14. ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا.

15. پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“

16. ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“

17. پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 11