نئين عهد نامي

لوقا 10:30-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھڪڙو ماڻھو يروشلم کان يريحو شھر ڏانھن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاھي ورتس ۽ مار بہ ڏنائونس ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.

31. اتفاق سان ھڪڙو ڪاھن انھيءَ رستي سان پئي ويو ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري ھليو ويو.

32. اھڙيءَ طرح ھڪڙو لاوي بہ انھيءَ رستي تان آيو، سو بہ ھن کي ڏسي پاسو ڪري ھليو ويو.

33. پر ھڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن کيس ھن تي ڪھل آئي.

34. ھن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنھنجي وھٽ تي چاڙھي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين.

35. ٻئي ڏينھن تي ٻہ چانديءَ جا سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’ھن جي خدمت ڪندو رھہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“

36. عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”ھاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اھو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنھن جو ھنن ٽنھي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟“

37. تنھن تي شريعت جي عالم وراڻيو تہ ”اھو جنھن کي مٿس ڪھل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“

38. عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جيئن ئي رستو وٺيو پئي ويا تہ ھو ھڪڙي ڳوٺ ۾ پھتا، جتي مارٿا نالي ھڪڙي عورت کيس پنھنجي گھر ۾ آڻي ٽڪايو.

39. ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو.

40. مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“

41. پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين.

42. پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 10