20. انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“
21. انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِجو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“
22. ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“
23. پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.
24. ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
25. تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“
26. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“
27. ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“
28. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تو پورو جواب ڏنو آھي. ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“