نئين عهد نامي

لوقا 10:12-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو.

13. افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا.

14. پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا.

15. اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ ھرگز نہ، بلڪ تون تہ پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين.“

16. عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“

17. پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“

18. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.

19. ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

20. انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“

21. انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“

22. ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“

23. پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.

24. ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 10