نئين عهد نامي

لوقا 10:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو.

2. انھن کي چيائين تہ ”فصل بلڪل ڀلو آھي، پر لڻندڙ ٿورا آھن. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو موڪلي.

3. وڃو، آءٌ اوھان گھيٽن کي ڄڻ تہ بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.

4. اوھين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٻاچڪو يا جتي نہ کڻجو ۽ نہ ڪنھن کي واٽ تي سلام ئي ڪجو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 10