نئين عهد نامي

لوقا 1:75-79 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

75. ۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھنپاڪ ۽ نيڪ ھجون.

76. تون، اي منھنجا ٻچا!خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين.تون خداوند جي آڏو ھلندينتہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،

77. انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کيڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائينتہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.

78. ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدارحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي.ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشنياسان تي نازل ڪندو،

79. جيڪا انھن تي چمڪنديجيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1