نئين عهد نامي

لوقا 1:70-80 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

70. جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي،پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،

71. تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي،جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

72. ھن پنھنجي واعدي موجب،اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.

73. جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو

74. تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون،

75. ۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھنپاڪ ۽ نيڪ ھجون.

76. تون، اي منھنجا ٻچا!خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين.تون خداوند جي آڏو ھلندينتہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،

77. انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کيڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائينتہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.

78. ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدارحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي.ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشنياسان تي نازل ڪندو،

79. جيڪا انھن تي چمڪنديجيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“

80. اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1