نئين عهد نامي

لوقا 1:65-72 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

65. جيڪي اوسي⁠پاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون.

66. جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.

67. يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ

68. ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي،ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪريکين ڇوٽڪارو ڏنو آھي.

69. پنھنجي ٻانھي دائود جي گھراڻي ماناسان لاءِ سگھارو ڇوٽڪارو ڏيندڙ موڪليو اٿس،

70. جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي،پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،

71. تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي،جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

72. ھن پنھنجي واعدي موجب،اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1