نئين عهد نامي

لوقا 1:58-67 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

58. ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.

59. جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي.

60. پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“

61. تنھن تي انھن چيس تہ ”اھڙي نالي سان تہ توھان جو ڪوبہ مائٽ نہ آھي.“

62. پوءِ ھنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ ھو ڇوڪري جو ڪھڙو نالو رکڻ گھري ٿو.

63. ذڪريا انھن کان تختي گھري ۽ ان تي لکيائين تہ ”ھن جو نالو يحيٰ آھي.“ تنھن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا.

64. جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين.

65. جيڪي اوسي⁠پاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون.

66. جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.

67. يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1