نئين عهد نامي

لوقا 1:43-60 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟

44. ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.

45. تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“

46. مريم چيو تہ”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي،

47. ۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو،ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.

48. ھن مون تي نظر ڪئي آھي،پنھنجي ھڪ خسيس ٻانھيءَ مثل.اڄ کان پوءِ سڀ پيڙھيونمون کي سڀاڳي سڏينديون،

49. ڇالاءِ⁠جو قادر مون سان وڏو وڙ ڪيو آھي.ھن جو نالو پاڪ آھي.

50. ھو انھن تي پيڙھي بہ پيڙھي رحم ڪري ٿو،جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.

51. ھن پنھنجي ٻانھن جو زور ھلايو آھي،۽ جيڪي پنھنجن خيالن تي فخر ڪن ٿا،تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.

52. ھن شاھن کي شاھيءَ تان ڪيرايو آھي۽ نيچن کي اوچو ڪيو آٿس.

53. ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس.

56. مريم اليشبع سان اٽڪل ٽي مھينا گڏ رھي ۽ پوءِ گھر موٽي آئي.

57. اليشبع جي پيرن لھڻ جو وقت ٿيو ۽ ھن پٽ ڄڻيو.

58. ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.

59. جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي.

60. پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1