نئين عهد نامي

لوقا 1:38-47 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

38. تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو.

39. تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي.

40. ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين.

41. جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي.

42. ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ.

43. مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟

44. ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.

45. تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“

46. مريم چيو تہ”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي،

47. ۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو،ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1