نئين عهد نامي

لوقا 1:28-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

28. جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“

29. مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي.

30. تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِ⁠جو خدا تو تي مھربان آھي.

31. تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج.

32. ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو.

33. ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“

34. تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“

35. ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.

36. ڏس پنھنجي مائٽياڻي اليشبع کي، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ ھوءَ سنڍ آھي. پر کيس ھاڻي ڇھون مھينو پيٽ آھي، جيتوڻيڪ ھوءَ وڏي عمر واري آھي.

37. ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“

38. تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو.

39. تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي.

40. ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين.

41. جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1