نئين عهد نامي

لوقا 1:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. محترم ٿئوفلس:ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن.

2. جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي.

3. تنھنڪري مون بہ اھو مناسب سمجھيو تہ ھي ڳالھيون اوھان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇوتہ مون شروع کان وٺي انھن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آھي.

4. آءٌ ھي انھيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالھين جي اوھان کي تعليم ڏني ويئي آھي، تن جي سچائيءَ جي اوھان کي پوري ڄاڻ پوي.

5. يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ ابياہ ٽولي ۾ ذڪريا نالي ھڪڙو ڪاھن ھو. سندس زال بہ ھارون جي اولاد مان ھئي، جنھن جو نالو اليشبع ھو.

6. ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.

7. پر انھن کي اولاد ڪونہ ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اليشبع سنڍ ھئي ۽ ٻئي عمر ۾ پوڙھا ٿي چڪا ھئا.

8. ھڪ دفعي ذڪريا پنھنجي فرقي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪم پئي ڪيو.

9. ڪاھنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ ھو ھيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.

10. لوبان ٻارڻ وقت ماڻھن جي سڄي ميڙ ٻاھران پئي دعا گھري.

11. لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني.

12. ذڪريا ھن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ ڊڄڻ لڳو.

13. پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج.

14. تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي ھن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 1